رحمت ۽ برڪت جو پيغام

رحمت ۽ برڪت جو پيغام

رحمت ۽ برڪت جو پيغام

رحمت ۽ برڪت جو پيغام: هي ڪتاب پير پاڳاري شاهه مردان شاهه (ثاني) جي خطبن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب ۾ 1951ع کان 2004ع تائين جا 53 خطبا جمع ڪيا ويا آهن. هي خطبا مختلف موقعن، دعوتن ۽ درگاهه تي زيارت لاءِ ايندڙ حر جماعت، حر مجاهدن ۽ جامعه راشديه جي فارغ التحصيل عالمن ۽ حافظن کي ڏنا ويا آهن. هن ڪتاب ۾ پير شاهه مردان شاهه جي زندگيءَ تي هڪ طويل مقدمو ۽ سندس شخصيت تي هڪ جامع مضمون به آهي. 219 صفحن جي هن ڪتاب کي فقير محمد ڪانهر سهيڙيو آهي ۽ ان جي نظرثاني مفتي محمد رحيم سڪندريءَ ڪئي آهي. هيءُ ڪتاب 1425هه / 2004ع ۾ پير سيد شاهه مردان شاهه (ثاني) يادگار ڪميٽيءَ ڇپايو هو. ڊيمي سائيز جي پڪي جلد ۽ چار رنگي ٽائيٽل واري هن ڪتاب تي قيمت ڄاڻايل ناهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو